اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي روڪٿام جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ عالمي چئلينج آهي ۽ عالمي تعاون کانسواءِ ان کي موثر طريقي سان منهن نه ٿو ڏئي سگهجي، اسان جي نوجوانن ۾ منشيات جي استعمال ۽ ان جي نيٽ ورڪ بابت آگاهي تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي روڪٿام صحت ۽ معاشري جي لاءِ ان خطري کي ختم ڪرڻ ۾ وسيع تر ڪردار ادا ڪري سگهي. منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هر سال 26 جون منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو وڃي ٿو ۽ ان لعنت جي روڪٿام جي لاءِ عالمي عزم جو ورجاءُ ڪيو وڃي ٿو. اها معاشرتي ۽ قانوني ذميواري انسانيت ۽ خاص طور تي ايندڙ نسلن کي منشيات جي استعمال جي خراب اثرن کان بچائڻ جي لاءِ اعليٰ مقصد جي لاءِ تمام ضروري آهي. هن چيو ته منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن 2025ع جي لاءِ ”زنجير کي ٽوڙڻ: سڀني جي لاءِ احتياط ۽ بحالي“ جو موضوع، انهن نيٽ ورڪس کي سهولت فراهم ڪندڙ هر قدم تي منشيات جي استعمال کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تي زور ڏي ٿو. اهو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اهو هڪ عالمي چئلينج آهي ۽ عالمي تعاون کانسواءِ ان کي موثر طريقي سان منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ان چئلينج کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ منشيات جي خاتمي واري فورس جي ذريعي ان لعنت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور عزم سان سخت ترين قدم کڻڻ جي لاءِ سرگرم آهي. جڏهن ته انهن ڪوششن جي لاءِ شخص، ڪميونٽي، معاشري تي ٻڌل گڏيل عزم جي ضرورت آهي ته جيئن ٺوس عمل ۽ ڪوششن سان عالمي سطح تي منشيات جي استعمال کي ختم ڪري سگهجي. ان منظم ڏوهه جي چڪر کي ٽوڙڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. منشيات جي غيرقانوني اسمگلنگ ۽ ان جي آسان پهچ بي پناهه انساني تڪليف جو سبب بڻجي ٿي. منشيات جو استعمال نه رڳو انساني صحت جي لاءِ نقصانڪار آهي پر ان کان متاثر شخص ۽ ان جي خاندان جي ساک پڻ مجروح ٿئي ٿي. شهباز شريف چيو ته اسان جي نوجوانن ۾ منشيات جي استعمال ۽ ان جي نيٽ ورڪ بابت آگاهي تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي روڪٿام صحت ۽ معاشري جي لاءِ ان خطري کي ختم ڪرڻ ۾ وسيع تر ڪردار ادا ڪري سگهي. منشيات جي استعمال جي متاثرين جي علاج ۽ بحالي جي خدمتن جي لاءِ حڪومتي ادارن، سول سوسائٽي ۽ متاثر خاندان جي سطح تي ٺوس تعاون تي ٻڌل حڪمت عملي پڻ گهربل آهي. هن چيو ته منشيات جي استعمال ۽ غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف ان عالمي ڏينهن تي اچو اسان پنهنجي گڏيل عزم ۽ اڻٿڪ وابستگي جو ورجاءُ ڪريون ته اهو منظم ڏوهه اسان جي عالمي ذميوارين، قومي قانوني ڍانچي ۽ معاشرتي قدرن ۾ قطعي طور تي ناقابل قبول آهي. اسان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن ان نيٽ ورڪس جو تعاقب ڪندي نه رڳو پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو پر منشيات کان پاڪ پاڪستان جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت پڻ ڪئي آهي. پاڪستان پائنده آباد.