لاهور-25 جون (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي انصاف واري نظام جي مؤثر عملداريءَ ۾ وڪيل برداريءَ جي اهم ڪردار کي ساراهيندي وڪيلن تي زور ڀريو آهي ته هو عدالتي ڪاررواين کي جلد ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ ڪيسن جي ڊجيٽل فائلنگ اختيار ڪن. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان طرفان جاري پڌرائيءَ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم سان گڏ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو دؤرو ڪيو. سندس آمد تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري سلمان منصور ۽ ٻين وڪيلن سندس شاندار اجيان ڪئي. چيف جسٽس بار جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انصاف جي نظام جي اثرائتي عملداريءَ ۾ وڪيل برداريءَ جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي هن سپريم ڪورٽ برانچ رجسٽري لاهور ۾ هڪ فزيبلٽي جي بنياد تي سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اهو سينٽر وڪيل ۽ سائلين لاءِ هڪ ونڊو سروس فراهم ڪندو جيڪو ڊجيٽل طور تي مربوط ۽ گهٽ لاڳت عدالتي نظام لاءِ سپريم ڪورٽ جي عزم جو مظهر هوندو. چيف جسٽس وڪيل برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪيسن جي ڊجيٽل فائلنگ کي اختيار ڪن ته جيئن عدالتي ڪاررواين جي رفتار ۾ واڌ ۽ اثرائيت وڌي. چيف جسٽس اعلان ڪيو ته قانون ۽ انصاف ڪميشن آف پاڪستان تحت هڪ نئين اسڪيم جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن تحت مالي طور تي ڪمزور اصيلن کي رياستي خرچ تي وڪيل جي مدد فراهم ڪئي ويندي، پوءِ اهي ڪيس مئجسٽريٽ عدالت ۾ هجن يا سپريم ڪورٽ ۾، ان قدم جو مقصد هر شهريءَ لاءِ برابر عدالتي رسائي کي يقيني بنائڻ آهي. سيڪريٽري سلمان منصور، چيف جسٽس جي دؤري تي شڪريو ادا ڪيو ۽ بار جي مسئلن جي حل لاءِ سندس قيادت کي ساراهيو. هن سهولت مرڪز جي قيام کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ عدالتي سڌارن ۾ بار جي مڪمل سهڪار جي خاطري ڏياري.