ابوظهبي – 25 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي گڏيل وزارت ڪميشن (جي ايم سي) جو 12هون اجلاس ابوظهبي ۾ ٿيو. اجلاس جي گڏيل صدارت نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ڪئي. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب رسمي ڪارروائي کان اڳ جي ايم سي جي ورڪنگ گروپ جو اجلاس وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه ۽ گڏيل عرب امارات جي مملڪتي وزير احمد علي الصيغ جي صدارت ۾ ٿيو. جي ايم سي ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل دائري جو جائزو ورتو ۽ واپار، بئنڪنگ، ثقافت، سيڙپڪاري، هوابازي، ريلوي، توانائي، خوراڪ جي حفاظت، موسمياتي تبديلي، دفاع، صحت جي سارسنڀال، افرادي قوت، اعليٰ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن تي اتفاق ڪيو. ٻنهي طرفن اداراجاتي مڪينزم کي وڌائڻ ۽ بين الوزارتي رابطاڪاري کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. گڏيل افهام تفهيم ۽ ڀائيچاري جي فضا ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. فالو اپ ڪاررواين جي لاءِ طريقيڪار جي فريم ورڪ جي پروٽوڪول، سيڪٽرل ورڪنگ گروپس جي ذريعي ڪوآرڊينيشن ۽ گڏيل دورن جي لاءِ سهولت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. سيشن جي پروٽوڪول کانسواءِ ”انٽري ويزا جي گهرجن جي گڏيل ڇوٽ“ ۽ ”سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ“ سان گڏوگڏ ”مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽل اڪانومي“ جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ڌرين نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ جي ايم سي جو 13هون اجلاس گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. بيان موجب جي ايم سي سيشن جو ڪامياب انعقاد پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهري ۽ گهڻ رخي لاڳاپن ۽ هڪ متحرڪ ۽ ترقي پسند حصيداري جي لاءِ انهن جي گڏيل ويزن جي نشاندهي ڪري ٿو.