اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي)دنيا جي مختلف ملڪن وانگر پاڪستان ۾ پڻ ورلڊ فادرز ڊي (والد سان محبت جي اظهار جو عالمي ڏينهن) ڪالهه آچر 15 جون تي ملهايو ويو. آمريڪا ۾ 20هين صدي جي شروع ۾ مائرن جي عالمي ڏينهن جي ڪاميابي کانپوءِ والد جي عظمت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ان ڏينهن کي ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿيو، عالمي سطح تي ان ڏينهن کي 1966 ۾ ان وقت مقبوليت ملڻ شروع ٿي جڏهن آمريڪي صدر جانسن جون جي ٽئين آچر کي فادرز ڊي قرار ڏنو ۽ 1972 ۾ ان کي آمريڪي قومي موڪل قرار ڏنو ويو، ان کانپوءِ هر سال جون جي ٽئين آچر تي دنيا جي 58 کان وڌيڪ ملڪن ۾ فادرز ڊي ملهايو ويندو آهي. فادرز ڊي جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مختلف ادارن ۽ تنظيمن جي اهتمام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون ويون جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خاص پروگرام نشر ۽ مضمون شايع ڪيا ويا.