اسلام آباد-15 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ سومر تي 11 وڳي ٻيهر شروع ٿيندو، اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سال 26-2025 جي وفاقي بجيٽ تي عام بحث جاري آهي. اهو بحث 21 جون تائين جاري رهندو جڏهن ته ساڳي ڏينهن ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجيٽ تي بحث سهيڙيندو. فنانس بل 2025 جي منظوري 26 جون تي ڏني ويندي.