رياض – 13 جون (اي پي پي) حرمين الشريفين جي معاملن واري اداري مسجدالحرام ۾ گم ٿيل حاجي سڳورن جي آساني لاءِ 6 مختلف عالمي ٻولين ۾ رھنمائي جي مرڪزن جي سھولت فراھم ڪئي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق مسجدالحرام جي انتظاميا طرفان حج کانپوءِ مڪي شريف ۾ ايندڙ لکين حاجي سڳورن کي مختلف نوعيت جون خدمتون فراھم ڪيون پيون وڃن جن ۾ گم ٿيل حاجي سڳورن کي رھنمائي فراھم ڪرڻ جون خدمتون به شامل آھن. ھن سال رھنمائي مرڪزن ۾ عربي ۽ انگريزي جي مختلف ٻولين جي ماھرن جون خدمتون به فراھم ڪيون ويون آھن ته جيئن مسجدالحرام ۾ موجود حاجي سڳورن جي رھنمائي سندن ٻولي ۾ ڪري سگهجي. حرمين اٿارٽي چيو آھي ته مرڪزن جا اھلڪار مسجدالحرام جي اچ وڃ جي دروازن کان علاوه ٻاھر اڱڻ ۽ مختلف ھنڌن تي موجود ھوندا آھن جيڪي گم ٿيل حاجي سڳورن جي ھر طرح سان رھنمائي ڪندا آھن. مرڪز جي اھلڪارن وٽ موجود جديد ترين ڊيوائسز آھن جن ذريعي ھو حاجي سڳورن جي نسڪ ڪارڊ ۾ موجود ڪيو آر ڪوڊ يا بار ڪوڊ اسڪين ڪري سندن رھائش جو ھنڌ معلوم ڪري وٺندا آھن جنھن کانپوءِ کين اتي آساني سان پھچايو ويندو آهي.