اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ايران تي اسرائيل جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي حملي واري حرڪت دنيا ۾ ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايوان مان ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف متفقه مذمتي قرارداد جي منظوري کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي هن ايران تي اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل جڏهن کان وجود ۾ آيو آهي ان جو طرز عمل اهو ئي رهيو آهي. غزه ۾ اسرائيل جا هٿ فلسطينين جي رت سان رڱيل آهن، ان دوران اسرائيل ايران تي حملو ڪري ڇڏيو آهي، اسان ايران سان گڏ آهيون ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اسرائيل جي بدمعاشي کي عالمي برادري نه روڪيو ته اها دنيا ۾ ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.