اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ايران تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي ايراني قوم سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف مذمتي قرارداد تي ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته اسرائيل جي ايران خلاف جارحيت جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي پر سچ ڳالهه اها آهي ته صرف مذمت ڪرڻ ۽ قرارداد پاس ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو. هن چيو ته طاقتور قوتون اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن.