اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)قومي اسيمبلي ايران تي اسرائيلي جارحيت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ايران جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ قوم سان مڪمل يڪجهتي جي عزم جي اظهار تي ٻڌل قرارداد جي اتفاق راءَ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ حڪومت مطالبو ڪيو آهي ته ان مسئلي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جا فوري اجلاس گهرايا وڃن ته جيئن ايران تي اسرائيلي جارحيت کي فوري طور تي روڪي سگهجي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سيد نويد قمر قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي برادر ملڪ اسلامي جمهوريه ايران خلاف اسرائيل جي بنا جواز جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿي جنهن سان ايراني عوام کي جاني ۽ مالي نقصان پهتو آهي.هي ايوان انتهائي مايوسي سان نوٽ ڪري ٿو ته 13 جون 2025ع جي اونڌاهي ۾ ڪيل حملي سان نه رڳو گڏيل قومن جي ميمبر رياست جي خودمختياري ۽ سلامتي جي سنگين خلاف ورزي ٿي آهي پر حملو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن جي پڻ واضح ڀڃڪڙي آهي. ايوان خبردار ڪري ٿو ته اسرائيل پاران ان قسم جي لڳاتار جارحيت نه رڳو وچ اوڀر پر سڄي دنيا کي سنگين خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن جي سنگين نتيجن جي ذميواري اسرائيل تي لاڳو ٿئي ٿي. گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي، ايوان ان ڳالهه جو عزم ڪري ٿو ته پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت، پارليامينٽ ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون. ايوان حڪومت کان مطالبو ڪري ٿو ته فوري طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جا اجلاس گهرايا وڃن ته جيئن ايران تي جارحيت کي فوري طور تي روڪيو وڃي ۽ ان جي مذمت ڪئي وڃي، قومي اسيمبلي گڏيل طور تي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.