ڪابل-13 جون (اي پي پي)افغانستان جي اترئين صوبي بدخشان ۾ شديد برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته وڏي تعداد ۾ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صوبائي آفتن واري انتظاميه جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ٻوڏ وردوج، راغستان ۽ ارغنخجو جي ضلعن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، جتي 100 کان وڌيڪ رهائشي گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته چوپايو مال ٻوڏ ۾ لڙهي ويو آهي. ٻوڏ سبب سوين ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، روڊ، پلون ۽ ٻيو بنيادي ڍانچو به متاثر ٿيو آهي، صوبي جي ٻين علائقن ۾ گذريل چئن ڏينهن کان جاري شديد برساتن جي نتيجي ۾ اوچتو آيل ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. موسميات کاتي ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته متاثر ۽ ڪمزور علائقن ۾ وڌيڪ ٻوڏ اچڻ جو خدشو آهي.