ابوظهبي-13 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات اسرائيل جي اسلامي جمهوريه ايران کي فوجي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،. پرڏيهي خابرو اداري موجب عرب امارات جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي انتهائي ضبط ۽ ڇڪتاڻ جي پکيڙ کان پاسو ڪرڻ نهايت ضروري آهي، بيان ۾ گڏيل عرب امارات جي ان موقف کي ورجايو ويو ته عالمي قانونن جي پاسداري رياستن جي خودمختياري جو احترام ۽ مڪالمي کي هٿي ڏيڻ اهڙا بنيادي اصولن آهن جن ذريعي موجوده بحرانن جو پرامن حل ممڪن بڻائي سگهجي ٿو، عرب امارات زور ڀريو ته تڪرارن جو حل ڇڪتاڻ يا ٽڪراءُ ذريعي نه پر سفارتي ذريعن مان ڪڍڻ گهرجي. بيان ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو ته هو فوري ۽ موثر قدم کڻندي فائر بندي کي يقيني بڻائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي بحال ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. گڏيل عرب امارتن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ان جي علائقائي سلامتي ۽ استحڪام تي ان حملي جي امڪاني اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.