اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزارت هڪ ڀرپور ۽ رنگارنگ مينگو فيسٽيول جو اهتمام ڪيو. واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. پاڪستان ۾ مقرر غيرملڪي سفيرن ۽ انهن جي گهرڀاتين سميت پرڏيهي وزارت جا آفيسر پڻ فيسٽيول ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي مختلف قسمن جي پاڪستاني روايتي انبن ۽ کاڌن سان مهمان نوازي ڪئي وئي. فيسٽيول ۾ مختلف سفارتخانن پاران کاڌن جا اسٽال به لڳايا ويا هئا. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ سرينا هوٽل جي سي اي او عزيز بولاني پڻ مينگو فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته انب نه رڳو پاڪستان جو قومي ميوو آهي پر دوستي ۽ خيرسگالي جي علامت به آهي. هن چيو ته پاڪستان جا انب دنيا جي بهترين انبن ۾ شمار ٿين ٿا، هن فيسٽيول جي ذريعي اسان جو مقصد سفارتي برادري ۾ پنهنجي دوستن سان پنهنجي ثقافت جو هڪ اهم حصو شيئر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان انب جي پيداوار ۾ سرفهرست آهي پر انب جي صنعت ۾ اڃا به قابل استعمال صلاحيت موجود آهي جنهن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ”مينگو ڊپلوميسي“ جو پڻ حوالو ڏنو ۽ چيو ته انب جي ميوي کي سفارتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مثبت اميج کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ پاڪستان جي مشهور ميوي انب جنهن کي اڪثر ”ميون جو بادشاهه“ چيو وڃي ٿو، بابت منعقد تقريب جي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ انب پيدا ڪندڙ پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ملڪ جي مضبوط زرعي صلاحيت کي ظاهر ڪري ٿو. هن ويليو ايڊيڊ زرعي مصنوعات جي برآمدات کي وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي زرعي شعبي کي جديد بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ان جو مقصد آبادگارن ۽ برآمد ڪندڙن کي عالمي منڊين ۾ موثر طريقي سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ بااختيار بڻائڻ آهي. هن سرينا هوٽلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عزيز بولاني جو تقريب منعقد ڪرڻ ۾ پرڏيهي وزارت سان تعاون ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. تقريب دوران مهمانن جي سڄي پاڪستان مان انبن جي شاندار قسمن سان مهمان نوازي ڪئي وئي جن ۾ سنڌڙي، چونسو ۽ انور رٽول شامل آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي انب سان ٺهيل مشروبات پڻ پيش ڪيا ويا.