ابوظهبي – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لنڊن ٽيڪ ويڪ 2025ع ۾ پاڪستان جي موثر موجودگي ۽ شرڪت تي سمورين ڌرين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو ٽيڪ مستقبل روشن آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لنڊن ٽيڪ ويڪ 2025ع ۾ پاڪستان جي شرڪت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته آئون لنڊن ٽيڪ ويڪ 2025ع ۾ پاڪستان جي موثر موجودگي ۽ شرڪت تي سمورين ڌرين کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ان ڀرپور شرڪت سان پاڪستان کي هڪ اڳتي وڌندڙ ملڪ جي حيثيت حاصل ٿي آهي جيڪو ٽيڪنالاجي ۽ نوجوانن جي دنيا سان ڳنڍجڻ جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي رهيو آهي، اهڙي طرح جي هڪ اهم پليٽ فارم تي اسان جي موجودگي اسان جي وڌندڙ ڊيجيٽل فٽ پرنٽ ۽ عالمي هدفن جي عڪاسي ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته آئون آءِ ٽي واري وزارت، پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ، ٽوئرازم ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان ۽ اسان جي ٽيڪ انٽر پرينيورز کي پاڪستان جو ويزن ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ تي ساراهيان ٿو. وزيراعظم چيو ته جيئن ته اسان هڪ علم جي بنياد تي معيشت طرف پنهنجي سفر کي تيز ڪري رهيا آهيون، اسان جي حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل تبديلي ۽ ان سان واڳيل عالمي لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جو ٽيڪ مستقبل روشن آهي.