اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ تي وفاقي گادي واري هنڌ مثالي صفائي سي ڊي اي جي آفيسرن ۽ عملي جي ڏينهن رات محنت ۽ شهرين جي تعاون جو نتيجو آهي، زيرو ويسٽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ ملازمن لاءِ هڪ بنيادي پگهار انعام طور ڏيڻ ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ سينيٽري ورڪرز کي 15 هزار روپيا في ورڪر ڏيڻ جو اعلان ڪريان ٿو، اسان سڀني کي گڏجي اسلام آباد کي عالمي معيار جو شهر بڻائڻو آهي. اهڙو اظهار هن سي ڊي اي جي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي فرض سرانجام ڏيندڙ سينيٽري ورڪرز جي اعزاز ۾ منعقد خاص تقريب کي خطاب دوران ڪيو. گهرو وزير ڏينهن رات محنت سان فرض سرانجام ڏيڻ تي سينيٽري ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ فيلڊ ٽيمن کي به مبارڪون ڏنيون جن عيد جي موڪلن دوران ڏينهن رات ان آپريشن جي نگراني ڪئي. گهرو وزير چيو ته 3 ڏينهن ۾ اسلام آباد جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن مان 2400 ٽن قرباني جي جانورن جي اوجهه ۽ ڪچري کي کنيو ويو. پهريون ڀيرو ڊرون ڪئميرائن سان صفائي آپريشن جي نگراني ڪئي وئي. 2500 ورڪرز ۽ 250 گاڏين زيرو ويسٽ آپريشن ۾ حصو ورتو. هن چيو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي اسلام آباد ۾ زيرو ويسٽ آپريشن تي شهرين ڀرپور اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. محسن نقوي چيو ته شهرين جو اطمينان سي ڊي اي جي ڪارڪردگي جو واضح اعتراف آهي. هن اسلام آباد جي شهرين جو به ٿورو مڃيو جن صفائي جي حوالي سان فيلڊ ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪيو. محسن نقوي چيو ته آفيسرن کان وٺي ملازمن تائين سڀ هڪ ٽيم بڻجي ڊليور ڪيو جنهن تي هو مبارڪن جا مستحق آهن. گهرو وزير چيو ته سي ڊي اي، ايم سي آءِ، ضلعي انتظاميه، اسلام آباد پوليس، سيف سٽي ۽ ٽريفڪ پوليس ڏينهن رات ڪم ڪيو، سمورن کاتن هم آهنگي سان ڪم ڪيو ۽ اداره جاتي فرق کان هٽي ڪري صرف عوامي خدمت کي ترجيح ڏني جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن موثر مانيٽرنگ تي سيف سٽي جي ڪارڪردگي جي به واکاڻ ڪئي. گهرو وزير چيو ته اسلام آباد شهر کي پنهنجو سمجهي ان کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻو آهي، اسان سڀني کي گڏجي اسلام آباد کي عالمي معيار جو شهر بڻائڻو آهي. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ فيلڊ ٽيمن جو شڪريو ادا ڪيو. گهرو معاملن واري وفاقي سيڪريٽري خرم آغا، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي، ڊي سي اسلام آباد عرفان ميمڻ، ڊي جي سيف سٽي ۽ لاڳاپيل آفيسرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.