اسلام آباد-12 جون (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي هاڻي رڳو منصوبن کان پليٽ فارمز ۽ ڳالهين کان نتيجن طرف وڌڻو پوندو، حڪومت، تعليمي ادارن، صنعتن ۽ نوجوانن سان گڏجي هڪ ڊيٽا سمارٽ، ڪلائوڊ سان ليس ۽ چٽاڀيٽي واري پاڪستان جي تعمير ڪندي. گذريل ڏينهن نيشنل اوپن ڊيٽا پورٽل جو باضابطه افتتاح ڪندي ان کي پاڪستان جي ڊجيٽل انقلاب طرف هڪ اهم تاريخي قدم قرار ڏنو جنهن ۾ اعليٰ حڪومتي، تعليمي ۽ فني ماهرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ترقي جو نئون داستان هاڻي ڊيٽا، ڪلائوڊ ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي ٻولي ۾ لکيو ويندو اها ڪا عارضي حڪمت عملي نه پر هڪ قومي ضرورت آهي. ڊيٽا هاڻي صرف معلومات جو ذريعو نه پر جدت، شفافيت ۽ موثر حڪمراني جو ٿنڀ آهي. هن چيو ته پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (پي بي ايس) ۽ لاهور يونيورسٽي آف مينيجمينٽ لائنسز (لمز) جي سهڪار سان تيار ڪيل نيشنل اوپن ڊيٽا پورٽل 14 مختلف شعبن ۾ 1000 کان وڌيڪ ڊيٽا سيٽون فراهم ڪري ٿو، جن ۾ تعليم، صحت، معيشت، زراعت ۽ ماحولياتي معاملا شامل آهن. هن چيو ته وزارت پنهنجي حڪمت عملي تحت 5 اهم شعبا مقرر ڪيا آهن جن ۾ روانگي واپار کي هٿي وٺرائڻ، اي – پاڪستان ۽ ڊجيٽل جدت، معاشي برابري، ماحولياتي پائيداري، توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي شامل آهي.هن چيو ته ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، مصنوعي ذهانت ۽ سيٽلائيٽ ڊيٽا جو استعمال منصوبابندي، صحت، تعليم ۽ ماحولياتي پاليسين ۾ انقلاب آڻيندو. ڊجيٽل آدمشماري، قومي ڊيٽا اسٽريٽجي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڊيٽا سينٽر جي قيام جهڙا قدم ان ويزن جو عملي اظهار آهن. هن مهارت جي گهٽتائي، ڪنيڪٽوٽي جا مسئلا ۽ سائبر سيڪيورٽي جهڙن چئلينجن جي نشاندهي ڪندي چيو ته حڪومت انهن تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان کي تعليمي نصاب ۾ تيز رفتار تبديليون آڻڻيون پونديون ته جيئن هزارين ڊيٽا سائنسدان، انجنيئر ۽ آرڪيٽيڪس جي تياري ممڪن ٿي سگهي، هن نوجوانن ۽ يونيورسٽين تي زور ڀريو ته ڊيٽاسائنس، اي آءِ ۽ ڪلائوڊ ٽيڪنالاجي کي رڳو ڪمپيوٽر سائنس تائين محدود نه رکن پر ان کي زراعت، صحت، ٽرانسپورٽ ۽ معيشت ۾ عملي طور تي اختيار ڪن. هن چيو ته پاڪستان کي هاڻي منصوبن کان پليٽ فارمز ۽ ڳالهين کان نتيجن طرف وڌڻو پوندو. حڪومت، تعليمي ادارن، صنعتن ۽ نوجوانن سان گڏجي ڊيٽا سمارٽ ڪلائوڊ سان ليس پاڪستان جي تعمير ڪندي.