اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪرٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري گورنر هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. گورنر آفيس مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ پارٽي جو صوبائي جنرل سيڪرٽري شجاع خانزاده، ڊپٽي جنرل سيڪرٽري ابرار سعيد سواتي به موجود هو. ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، خيبر پختونخوا ۾ پارٽي جي تنظيمي معاملن، 26 مئي تي پشاور ۾ ٿيل پيپلزپارٽي جو صوبو بچايو مهم جي احتجاجي مظاهري ۾ پرامن ڪارڪنن تي شيلنگ ۽ بي بنياد ڪيسن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. مرڪزي سيڪرٽري جنرل، موثر احتجاج تي پيپلزپارٽي خيبر پختونخوا کي خراج تحسين پيش ڪيو.