اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) پاڪستان برسلز ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي غيرذميواراڻي بيان کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته اعليٰ سفارتڪارن جي ڳالهه ٻولهه جو مقصد جنگ ڇيڙڻ نه پر امن ۽ هم آهنگي جو فروغ هجڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزير جي ڳالهه ٻولهه ان عهدي جي وقار موجب هجڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڀارت مظلوميت جي فرضي داستان جي ذريعي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي مهم ۾ مصروف آهي، بهرحال ڀارت جي مسلسل پاڪستان دشمني پنهنجي سرحدن کان ٻاهر دهشتگردي جي اسپانسرشپ کي لڪائي نه ٿي سگهي ۽ نه ئي اها ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي ظلمن تي پردو وجهي سگهي ٿي. ترجمان چيو ته ڀارت کي ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران دهشتگردي، تخريبڪاري ۽ ٽارگيٽڊ قتل ۾ پنهنجي ملوث هجڻ جو پاڻ جائزو وٺڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت کي پنهنجي تازي جارحاڻي قدمن کي جواز فراهم ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪندڙ بيانيي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل پرامن بقاءَ، ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو جڏهن ته هو ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجي خودمختياري جي تحفظ جي پنهنجي ارادي ۽ صلاحيت ۾ پرعزم آهي جنهن جو مثال گذريل مهيني ڀارت جي غيرذميواراڻي حملن تي ان جي مضبوط ردعمل مان ملي ٿو. بيان موجب پاڪستان جي خلاف ناڪام فوجي مهم جوئي کانپوءِ ڀارتي بيانيو ان جي لاڳيتو مايوسي کي ظاهر ڪري ٿو. هن ڀارتي اڳواڻن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي معيار کي بهتر بڻائين ۽ پاڪستان بابت پنهنجي جنون کي ختم ڪن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تاريخ ان ڳالهه جو فيصلو نه ڪندي ته سڀ کان وڌيڪ گوڙ ڪنهن ڪيو پر اهو ڏٺو ويندو ته ڪنهن سڀ کان وڌيڪ عقلمندي جو مظاهرو ڪيو.