رياض-11جون (اي پي پي)سعودي عرب جو شام جي عوام لاءِ مختلف منصوبن جو سلسلو جاري آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ان سلسلي ۾ امداد ۽ انساني خدمتن واري شاهه سلمان مرڪز شام جي شهر حلب ۾ انتهائي ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 139 وڳا ورهايا . اهو قدم سعودي عرب جي ان امدادي ڪوششن جو حصو آهي جيڪي شاهه سلمان مرڪز ذريعي سر انجام ڏنا پيا وڃن. انهن قدمن جو مقصد شام جي عوام کي مختلف بحرانن ۽ ڏکيائين دوران درپيش تڪليفن کي گهٽائڻ آهي.