رياض-11جون (اي پي پي)سعودي عرب جي پاسپورٽ، اقامي، ليبر ۽ سرحدي سيڪيورٽي واري کاتي ضابطن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي سعودي شهرين ۽ پرڏيهين خلاف گذريل مهيني اٽڪل 12 هزار 711 انتظامي فيصلا جاري ڪيا .ميڊيا رپورٽن موجب اهي فيصلا پاسپورٽس جي مختلف علائقائي آفيسن ۾ قائم انتظامي ڪميٽين ذريعي ٻڌايا ويا ، جن ۾ قيد جون سزائون، مالي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جون سزائون شامل آهن. پاسپورٽ کاتي سمورن شهرين ، ڪاروباري ادارن ۽ خانگي ادارن جي مالڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي اقامي، ليبر ۽ سرحدي سيڪيورٽي جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي پاڻ وٽ نوڪري ۽ پناهه نه ڏين جڏهن ته انهن جي ڪنهن ٻئي طريقي سان به مدد نه ڪن، قانون جي خلاف ورزي تي ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.