اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) حڪومت وعدن موجب ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن، پيشنرن ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ سميت ڪيترائي قدم کنيا، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو جڏهن ته پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪسن جي شرح ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي وزير بجيٽ تقرير دوران ٻُڌايو ته پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ حڪومت پنهنجي مالي ڏُکيائين باوجود سرڪاري ملازمن لاءِ رليف وارا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ گريڊ هڪ کان 22 تائين سمورن ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو، رٽائرڊ ملزمن جي پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. معذور ملازمن لاءِ خاص ڪنوينس الائونس کي 4 هزار مان وڌائي 6 هزار ماهوار ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي آئين ۾ برابريءَ جي حقن بابت ڏنل شق تي عملدرآمد ڪندي پگهارن ۾ موجوده فرق کي ختم ڪيو پيو وڃي، اهل ملزمن کي 30 سيڪڙو جي شرح سان ڊسپيرٽي ريڊڪشن الائونس ڏيڻ جي تجويز آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال خطرن ۾ ورتل آهي ۽ هٿياربند فوج سرحدن جي تحفظ لاءِ تحسين جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون آهن، انهن خدمتن جي اعتراف ۾ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ سولجرن/جي سي اوز لاءِ اسپيشل رليف الائونش ڏيڻ جي تجويز آهي. اهي خرچ دفاعي بجيٽ مان پورا ڪيا ويندا. ناڻي واري وزير چيو ته انڪم ٽيڪس ۾ سڀ کان پهرين اسان ان هنڌ تي رليف ڏئي رهيا آهيون جتي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، وزيراعظم جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن جي بار کي گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي. ان حوالي سان پگهاردار طبقي لاءِ آمدني جي سمورن سليبس ۾ انڪم ٽيڪس جي شرحن ۾ نمايان گهٽتائيءَ جي تجويز آهي. اهو رليف نه صرف ٽيڪس جي ڍانچي کي آسان بنائيندو پر وچولي طبقي جي آمدني وارن تي لاڳو ٽيڪس جي بار کي گهٽ ڪري، ناڻي واڌ ۽ ٽيڪ هوم پگهارن جي وچ ۾ توازن کي يقيني بنائيندو. 6 لک رپين کان 12 لک رپين تائين پگهار کڻندڙ لاءِ ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري صرف 2.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. 12 لک آمدني وارن پگهاردارن تي ٽيڪس جي رقم 30 هزار کان گهٽ ڪري 6 هزار ڪرڻ جي تجويز آهي جيڪي ماڻهو 22 لک رپين تائين پگهار کڻن ٿا انهن لاءِ گهٽ کان گهٽ ٽيڪس جي شرح 15 سيڪڙو بدران 11 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. اهڙيءَ طرح پگهارون حاصل ڪندڙن لاءِ به ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني پئي وڃي. 22 لک رپين کان 32 لک رپين تائين پگهار کڻندڙن لاءِ ٽيڪس جي شرح 25 سيڪڙو کان گهٽائي 23 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. اهي قدم ٽيڪسن کي منصفاڻو بنائڻ ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙ پگهاردار ماڻهن تي بار گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي عزم جي عڪاسي آهي.