اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ايف بي آر سميت مختلف ادارن ۾ سڌارن جي شروعات ڪئي آهي. اڱاري ڏينهن ايندڙ مالي سال 26-2025ع جو وفاقي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ مختصر عرصي ۾ حڪومت مختلف شعبن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن انهن ۾ ايف بي آر جا سڌارا شامل آهن، اسان جو سڀ کان اهم معاشي مسئلو محصول جي نظام جون خاميون هيون، ايف بي آر کي ٽرانسفارم ڪرڻ کانسواءِ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قومي هدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه هو ان لاءِ وزيراعظم جي سربراهي ۾ ايف بي آر ٽرانسفارميشن پلان جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وزيراعظم جي نگراني هيٺ تفصيلي مشاورت سان منصوبو تيار ڪيو ويو جنهن جي سيپٽمبر 2024ع ۾ منظوري ڏني وئي ان منصوبي جو بنياد ٽن ٿنڀن پيپل، پراسيس ۽ ٽيڪنالاجي تي رکيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ان منصوبي جو محور ڊجيٽل ٽرانسفارميشن آهي. پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ان جي شروعات ڪئي وئي آهي. ان منصوبي تحت ڊجيٽل پروڊڪشن ٽريڪنگ جي شروعات ڪئي وئي جنهن کي هاڻي سيمنٽ، مشروبات، ڀاڻ ۽ ٽيڪسٽائيل تائين واڌ ڏني پئي وڃي. ملڪي سطح تي اي انوائسنگ جاري ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي آڻڻ جي مينڊيٽ سان پي آر اي ايل بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ ٿي چڪي آهي.