اسلام آباد-10 جون (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ريڪوڊڪ مان 7 ارب ڊالر ٽيڪس ۽ 7 ارب 80 ڪروڙ ڊالر جي رائلٽي متوقع آهي جڏهن ته 41500 کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا ميسر ايندا. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال 26-2025ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي هن چيو ته ريڪوڊڪ ۾ واقع ٽامي ۽ سون جون کاڻيون اسان جي مستقبل جو هڪ اهم اثاثو آهن، حڪومت انهن اثاثن کي مفيد بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان منصوبي جي فزيبلٽي اسٽيڊي جنوري 2025ع ۾ مڪمل ڪئي وئي، کاڻين جو متوقع مدو 37 سال آهي جنهن دوران ملڪ کي 75 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جا ڪيش فلوز حاصل ٿيندا. 41 هزار 500 نوڪريون فراهم ٿينديون، منصوبي مان 7 ارب ڊالرن جو ٽيڪس ۽ 7 ارب 80 ڪروڙ ڊالرن جي رائلٽي متوقع آهي. روانگي واپار ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ريڪوڊڪ کان پورٽ قاسم ۽ گوادر تائين روڊ ۽ ريل ذريعي اچ وڃ جي بنيادي ڍانچي جي تعمير جاري آهي ۽ منصوبو پاڪستان جي معيشت ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو.