اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جي منصوبي لاءِ ايندڙ مالي سال 26-2025ع ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت 10 ملين روپيا رکيا ويا آهن. اڱاري ڏينهن جاري پي ايس ڊي پي دستاويزن موجب منصوبي تي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 416.086 ملين روپيا جڏهن ته 30 جون 2025ع تائين منصوبي لاءِ 49.971 ملين روپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي اميد آهي. ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي مثبت اميج کي اجاگر ڪرڻ جي منصوبي لاءِ 10 ملين روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي وئي آهي.