اسلام آباد-10 جون (اي پي پي) حڪومت ايندڙ مالي سال 26-2025ع سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام تحت اسپارڪو لاءِ 5 هزار 418 ملين روپيا رکيا آهن. اڱاري ڏينهن ٿيل پي ايس ڊي پي جي انگن اکرن موجب حڪومت ايندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرامن ۾ 4 جاري ترقياتي اسڪيمن ۾ پاڪستان ملٽي ميشن ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ سسٽم لاءِ 400 ملين روپيا، اسٽيبلشمينٽ آف پاڪستان اسپيس سينٽر لاءِ 1518.5 ملين روپيا، پاڪستان آپٽيڪل ريموٽ سينسنگ لاءِ 1200 ملين روپيا ۽ ٻن نئين ترقياتي اسڪيمن ۾ پاڪستان مينڊ اسپيس مشن لاءِ 600 ملين روپيا ۽ پاڪستان لونر ايڪسپلوريشن لاءِ 400 ملين روپيا رکيا ويا آهن.