روم – 10 جون (اي پي پي) اٽلي اسرائيل جي ڪمپني پيراگون سان جاسوسي ۾ سھڪار جو معاھدو ختم ڪري ڇڏيو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھڪ پارلياماني دستاويز مطابق اٽلي اسرائيلي ڪمپني ”پيراگون“ سان پنھنجو معاھدو ختم ڪري ڇڏيو آھي، ڪمپني جاسوسي لاءِ سافٽ ويئر فراھم ڪندي آھي. اھو فيصلو ان وقت سامھون آيو جڏھن حڪومت تي الزام لڳو ته ھن ٽيڪنالاجي کي حڪومت موبائيل فونن جي جاسوسي لاءِ استعمال ڪيو. ”ميٽا“ ڪمپني جي ملڪيت واٽس ايپ ھن سال انڪشاف ڪيو ھو ته پيراگون جو جاسوسي سافٽ ويئر ڪيترن ئي صارفين کي نشاڻو بڻائي چڪو آھي، جنھن ۾ ھڪ صحافي ۽ روم جي سمنڊ ۾ پناھگيرن کي بچائڻ واري تنظيم ”ميڊيترانيا“ جا ماڻھو شامل آھن، جيڪي اٽلي جي وزيراعظم جارجيا ميلوني تي تنقيد ڪندا آھن. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته مقامي ۽ پرڏيھي انٽيليجنس ايجنسين 2023ع ۽ 2024ع ۾ محدود انگ ۾ ماڻھن تي، پبلڪ پراسيڪيوٽر جي اجازت سان، اھو سافٽ ويئر استعمال ڪيو. رپورٽ مطابق، پرڏيھي انٽيليجنس ايجنسي اھو سافٽ ويئر فرار ٿيلن جي ڳولا، غيرقانوني طور ھجرت، دھشتگردي، منظم ڏوھه، ٻارڻ جي اسمگلنگ، جاسوسي ۽ داخلي سلامتي جي سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو.