اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته حڪومت پينشن نظام ۾ سڌارن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي ملڪ کي ڊيفائينڊ ڪنٽري بيوشن پينشن سسٽم ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ پينشن جي وڌندر مالي بار کي گهٽتائي سگهجي. قومي اقتصادي سروي 25-2024ع جي جاري ڪرڻ واري موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته قومي ناڻي ۾ ٿيندڙ ليڪيج کي روڪڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ رائيٽ سائيزنگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان 43 وفاقي وزارتن ۽ 400 کان وڌيڪ ماتحت ادارن جي جامع رائيٽ سائيزنگ ڪنداسين ته جيئن ڪارڪردگي ۾ بهتري، خرچن م گهٽتائي، ۽ گورننس جي نظام کي اثرائتو بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهي قدم حڪومت جي ڊگهي مدي وارين پاليسين جو حصو آهي جن جو مقصد اقتصادي استحڪام، مالي نظم و ضبط ۽ عوامي خدمتن جي بهتري کي يقيني بڻائڻ آهي.