لاهور – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ٽيليويزن لاهور جي جنرل مئنيجر ڊاڪٽر قيصر شريف جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس گهر ويو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والد جي ڇانوَ عظيم نعمت هوندي آهي، ان جي جدائي ناقابل تلافي صدمو آهي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ڊاڪٽر قيصر شريف ۽ سندس گهرڀاتين سان برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي صبر ۽ حوصلو ڏي.