اسلام آباد -09 جون (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي فتنه الهندوستان جي دهشتگردن کي مٽي ۾ ملائڻ تي سي ٽي ڊي پنجاب کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير طرفان جاري بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب وقت سر ڪارروائي ڪري فتنه الهندوستان جي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو. سي ٽي ڊي جي پوري ٽيم کي پنجاب ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائڻ تي مبارڪون ڏيون ٿا. محسن نقوي چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب جي آفيسرن ۽ جوانن تخريبڪاري ناڪام بڻائي شاندار پيشيواراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته سي ٽي ڊي پنجاب فخر جوڳو ادارو آهي. گهرو وزير چيو ته فتنه الهندوستان جي دهشتگردن ۽ انهن جي ساٿين جو هر هنڌ پيڇو ڪيو ويندو ۽ کين عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويندو.