ڪراچي -09 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري حرمين الشريفين جي معاملن واري صدر ۽ چيف امام ڪعبه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن گورنر هائوس مان جاري پڌرائي مطابق ملاقات ۾ مسلمان امت جي اتحاد، پاڪستان جي ترقي ۽ عالمي من ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي. ان موقعي تي شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس سنڌ جي گورنر کي قرآن مجيد جو مقدس نسخو حديه طور پيش ڪيو.