اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان کي پنهنجي ملڪ، ڌرتي سان وفا ڪرڻي آهي ۽ ان جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ملڪي معيشت کي مضبوط بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ پاڻڀرو بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان ۾ ترقي ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، زراعت اسان جي معيشت جي بنياد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ورڪرز سان ملاقات دوران ڪيو. صدر پارٽي ورڪرز کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد پڻ ڏني. ايوان صدر پريس ونگ موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جا ورڪرز اسان جي قوت آهن جيڪي هر مشڪل وقت ۾ پارٽي سان گڏ بيٺل رهيا. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتي سان وفا ڪرڻي آهي ۽ ان جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ملڪي معيشت کي مضبوط بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ پاڻڀرو بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان ۾ ترقي ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. صدر چيو ته زراعت اسان جي معيشت جي بنياد آهي، ملڪ کي زرعي شعبي جي بنياد تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، آبادگارن کي سپورٽ ڪري ملڪي معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. آصف علي زرداري ڀارت جي وڌندڙ شدت پسندي تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ عيسائين کي تعصب ۽ ظلم کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڀارت جي شدت پسنداڻي هندوتوا نظريي سان پوري خطي کي خطرو آهي. صدر چيو ته مسلمان ننڍي کنڊ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافت پاڙون رکن ٿا. صدر ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.