ملتان-08 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جمهوري روايتن جو تسلسل ۽ قومي وحدت ئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿي، همٿ ۽ برداشت سان ملڪي ۽ علائقائي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. گيلاني هائوس ملتان ۾ معزز شهرين جي اعزاز ۾ منعقد آجياڻي کي خطاب ڪندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ اجتماعي ڪوششون ضروري آهن. هن چيو ته عيد اسان کي محبت، ايثار، ڀائيچاري ۽ سماجي هم آهنگي جو درس ڏي ٿي، اسان جو مذهب به اسان کي هڪٻئي سان محبت ۽ برداشت جو حڪم ڏي ٿو، معاشي ترقي لاءِ ضروري آهي ته اسان اختلاف وساري ملڪ لاءِ ڪم ڪريون. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ميمبر علي قاسم گيلاني چيو ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، قومي ترقي ۾ انهن جي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي. علي قاسم گيلاني وڌيڪ چيو ته ملڪي، علائقائي ۽ معاشي ترقي لاءِ جوانن کي وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. علي قاسم گيلاني جو چوڻ هو ته اسان عوامي خدمت جي مشن کي هر حال ۾ جاري رکنداسين. ان کانپوءِ عيد جي خوشين واري موقعي تي معزز شهرين لاءِ آجياڻي جو به اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مهمانن کي روايتي کاڌا پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن ۽ عورتن به شرڪت ڪئي. علائقي واسين ۽ معزز شهرين پنهنجي چونڊيل نمائندن سان سڌي ريت ملاقات کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. ان موقعي تي ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون شڪايتون ۽ مسئلا به پيش ڪيا جن جي حل جي خاطري ڪرائي وئي.