اسلام آباد-08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 25-2024ع اڄ سومر 9 جون تي پيش ڪيو ويندو. پاڪستان جو اقتصادي سروي مالي سال 25-2024ع هڪ اهم پري بجيٽ دستاويز آهي جيڪو قومي معيشت جي باري ۾ حڪومت جي جائزي جو خاڪو پيش ڪري ٿو، اڪنامڪ سروي سومر 9 جون تي ٽپهري جو باضابطه طور تي جاري ڪيو ويندو. ناڻي واري وزارت طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اقتصادي جائزو پيش ڪندو. اقتصادي سروي سالياني وفاقي بجيٽ کان اڳ جاري ڪيل هڪ اهم دستاويز آهي جيڪو ختم ٿيل مالي سال دوران ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ڪارڪردگي جي باري ۾ تفصيلي جائزو پيش ڪري ٿو. اڪنامڪ سروي زراعت، مينوفيڪچرنگ، صنعت، خدمتن، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، ڪيپيٽل مارڪيٽ، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات سميت ٻين وڏن شعبن ۾ رجحانن، ڪاميابين ۽ چئلينجن کي نمايان ڪري ٿو. سروي سماجي تحفظ جي پروگرامن، ماحولياتي پائيداري ۽ بنيادي ڍانچي ۾ ٿيل اڳڀرائي تي روشني وجهندي. هي دستاويز اهم اقتصادي اهڃاڻن جهڙوڪ مهانگائي، واپار ۽ ادائيگين جي توازن، قرضن، آبادي ۾ اضافو، روزگار جي سطح ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سان تازا انگ اکر به پيش ڪندي. اقتصادي اهڃاڻن جا جامع انگن اکرن تحت اقتصادي سروي جو مقصد نئين مالي سال جي شروعات ۾ عوامي بحث ۽ پاليسي جي منصوبابندي کان آگاهي فراهم ڪرڻ به آهي. اينول پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (اي پي سي سي) موجب جنهن جي سفارشن جي قومي اقتصادي ڪائونسل (اين اي سي) توثيق ڪئي هئي، مالي سال 25-2024ع لاءِ پاڪستان جي مجموعي ملڪي پيداوار (جي ڊي پي) جي اوسر واري شرح 2.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح جو هدف 4.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. اين اي سي موجب جولاءِ 2024ع کان اپريل 2025ع تائين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 30.9 سيڪڙو جو زبردست اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ پهريون ڀيرو ان عرصي دوران ڪرنٽ اڪائونٽ بيلنس به سرپلس ۾ رهيو. سروي ۾ مالياتي اهڃاڻن ۾ بهتري کي به اجاگر ڪيو ويندو، مالياتي خساري کي جي ڊي پي جي 2.6 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ وغيره. بنيادي توازن ۾ جي ڊي پي جو 3 سيڪڙو سرپلس رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو وڌيڪ نظم ۽ ضبط واري مالياتي نقطه نظر جي عڪاسي ڪري ٿو، بهتر اقتصادي بنيادي اصولن ۽ فعال مانيٽري پاليسي قدمن جي ڪري وياج جي شرح ترتيبوار 11 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي نجي شعبي لاءِ قرضن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. جولاءِ 2024ع ۽ مئي 2025ع دوران 681 ارب روپين جا قرض جاري ڪيا ويا. اين اي سي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته معاشي استحڪام جا تازا آثار وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اثرائتي ڪوششن جو نتيجو آهن. ملڪ هاڻي اقتصادي بحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. زراعت جي شعبي قومي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي واڌ جي مدد ۾ خاص طور تي اهم ڪردار ادا ڪيو. ايندڙ سالن ۾ زرعي پيداوار ۾ مستقل ۽ پائيدار اضافي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. ترقياتي خرچن جي لحاظ کان 25-2024ع جي سالياني قومي ترقياتي پروگرام لاءِ 3483 ارب روپين جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ وفاقي ترقياتي قدمن لاءِ 1100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا، صوبائي حڪومتن پنهنجي پنهنجي منصوبن لاءِ 2283 ارب روپيا استعمال ڪيا آهن. اميد آهي ته اقتصادي سروي 25-2024ع ايندڙ وفاقي بجيٽ لاءِ هڪ ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي وسيع اقتصادي ايجنڊا لاءِ به رهنمائي ڪندو ڇاڪاڻ ته ملڪ مالياتي ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ جامع ترقي جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي.