ڪراچي-06 جون (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مسلمان اُمت کي عيدالاضحيٰ ۽ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان واڌايون ڏنيون آهن. چيف منسٽر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب سندس پُرخلوص پيغام ۾ وڏي وزير چيو آهي ته سنتِ ابراهيمي اسان کي نه رڳو قرباني ۽ ايثار پر مصيبتن ۾ ثابت قدم رهڻ جو درس به ڏئي ٿي، جيڪو اسلامي تعليم جو جوهر آهي. هن چيو ته سنڌ سدائين رواداري، همدردي ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جي علامت رهي آهي. هن چيو ته عوام قرباني جي اصل روح کي پنهنجي عمل ۽ رويي ذريعي اجاگر ڪري. وڏي وزير زور ڀريو ته رسمِ ابراهيمي کي زنده رکڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان کي روحاني اخلاص، سماجي ڀائيچاري ۽ قوم جي ترقي ۽ بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سيد مراد علي شاهه حاجين کي اپيل ڪئي ته هو پاڪ سرزمين تي سندن عبادتن دوران سنڌ ۽ پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون ڪن. هن وڌيڪ چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير جا مظلوم مسلمان اسان جي همدرديءَ جا مستحق آهن ۽ انهن کي پڻ سندن دعائن ۾ ياد رکيو وڃي. وڏي وزير سنڌ جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته عيد جون خوشيون تڏهن ئي مڪمل ٿينديون، جڏهن اسان پنهنجي ڀرپاسي جي غريب، مسڪين، يتيم ۽ مستحق ماڻهن کي به انهن خوشين ۾ شامل ڪنداسين. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو سماج سدائين انسان دوستي، قرباني ۽ اتحاد جو علمبردار رهيو آهي ۽ اسان کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سـُڪار، دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين“ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پنهنجي ملڪ جي امن، ترقيءَ ۽ خوشحالي سميت اسان کي سڄي دنيا جي انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.