اسلام آباد-06 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عباس خان آفريدي جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽر عباس آفريدي هڪ مخلص انسان هو. هن مرحوم جي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ هو سندن غم ۾ برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرماءِ ۽ وارثن کي صبر عطا ڪري.