ڪراچي-06 جون (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري هرنائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب ۽ جرئتمنداڻي ڪارروائي تي کين زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس مان جمعي ڏينهن جاري ٿيل پريس رليز موجب گورنر چيو ته دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن، جنهن دوران 4 دهشتگردن کي ماريو ويو ، ملڪ ۾ امن جي قيام ڏانهن هڪ وڏي ۽ قدر جوڳي اڳڀرائي آهي. گورنر چيو ته قوم جي بهادر پُٽن جنهن حوصلي ،پيشيور مهارت ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪيو ، اهو سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي شهيدن جون عظيم قربانيون پاڪستان جي پائيدار امن ۽ محفوظ مستقبل جو بنياد آهن، جن کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي.