اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. اها ملاقات پاڪستان ۽ برطانيه واپاري ڊائيلاگ جي تيارين ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي، جنهن تي جلد باقاعده صحيحن جا امڪان آهن. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين، گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ جو گڏيل ويزن اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو هن وقت 4.7 ارب پائونڊ جي ماليت تائين پهچي چڪو آهي ۽ ان کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. واپاري ڊائيلاگ جو مقصد عملي تعاون، ڊيٽا تي ٻڌل منصوبه بندي ۽ مختلف شعبن ۾ سڌارن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ آهي.