بيجنگ-03 جون (اي پي پي) چين هڪ طرفه ويزا فري پاليسي ۾ پهريون ڀيرو لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطي جي ملڪن کي شامل ڪيو آهي. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان روزاني جي پريس ڪانفرنس دوران وڌيڪ ملڪن لاءِ ويزا فري سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پهرين جون کان چين جي هڪ طرفي ويزا فري پاليسي ۾ پهريون ڀيرو لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين خطي جي ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح هڪ طرفه ويزا فري لسٽ ۾ شامل ملڪن جو تعداد 43 تائين پهچي چڪو آهي، اهو تعداد چين جي اعليٰ سطح تي کليل دل جي عزم جي واضح عڪاسي ڪري ٿو.