انقره-03 جون (اي پي پي) ترڪيه جي علائقي مارمارس ۾ 5.8 شدت جي زلزلي سبب 14 ورهين جي ڇوڪري فوت ۽ 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ترڪيه جي گهرو وزير علي يرليڪايا چيو ته ترڪيه جي علائقي مارمارس ۾ 5.8 شدت جي زلزلي سبب 14 ورهين جي ڇوڪري فوت ۽ 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هن ٻڌايو ته زخمي 14 ڄڻن کي واقعي واري هنڌ علاج ڏنو ويو، 8 کي مختصر علاج کانپوءِ فارغ ڪيو ويو ۽ ٻيا 46 ڄڻا اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق زلزلو سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات 2 لڳي 17 منٽ تي آيو.