اشڪ آباد-02 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير رشيد ميريدوف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق سينيٽ چيئرمين ترڪمانستان طرفان شاندار مهمان نوازيءَ تي ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان طرفان ترڪمانستان جي مستقل غير جانبداريءَ جي پاليسيءَ جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن سياسي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي اهميت تي زور ڀريندي ٻه طرفي واپار ۾ اضافي جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ملاقات ۾ تاپي، ٽي اي پي ۽ فائبر آپٽڪ منصوبن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين علائقائي رابطن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ترڪمانستان کي گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن جي استعمال ۽ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير اسٽريٽجڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي تجويز ڏني جن ۾ ترڪمانستان ۾ تعميراتي منصوبن لاءِ پاڪستان مان ماربل جي آمدني واپار ۽ اعليٰ سطحي دؤرن ۾ اضافو شامل آهي ته جيئن ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائي سگهجي. ملاقات دوران سينيٽر جان محمد بليدري، حاجي هدايت الله ۽ وقار مهدي به موجود هئا.