واشنگٽن -02 جون (اي پي پي) ڪشميري ڄاول آمريڪين ۽ سندن حامين سميت سمورن پاڪستاني سياسي پارٽين جي نمائندن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ٿورو مڃڻ لاءِ ريلي ڪڍي جنهن ۾ ايٽمي هٿيارن سان ليس 2 ڏکڻ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪا پراڻي ڪشمير تڪرار تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي وئي ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي راهه هموار ڪري سگهجي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن بينرز کنيا هئا ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪمت عملي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل سان گڏوگڏ ايٽمي هٿيارن سان ليس ملڪ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي جي ڪوششن تي صدر ٽرمپ جا نعرا لڳايا. تقريرون ڪندڙن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جو جلد حل جو مطالبو ڪيو جنهن ۾ تڪراري رياست جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ گڏيل راءِ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي صدر صلاحڪار ۽ تقريب جي مرڪزي انتظام ڪندڙ سردار ظريف خان خراب موسم ۾ ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جي عزم کي ساراهيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو، جڏهن ته هنن خبردار به ڪيو ته جيتوڻيڪ هن وقت جنگ بندي آهي پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ دشمني گهٽجي ناهي سگهي.