اسلام آباد-01 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته امن جي دشمنن کي پاڪستان اندر ڪم ڪرڻ جي ڪا جاءِ نه ملندي، بلوچستان ۾ ڀارتي اسپانسرڊ پراڪسي وار هاڻي ڳجهو ناهي، هي اسان جي عوام، اسان جي ترقي ۽ اسان جي امن خلاف دهشتگردي جي مڪروه ڪارروائي آهي، اسان وٽ بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪس پٺيان ڀارت جو هٿ هجڻ جا واضح ثبوت موجود آهن، دشمن جي انهن مڪروه ڪوششون کي قوم سان گڏجي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ڪوئيٽا ۾ زهري آڊيٽوريم ۾ قبائلي اڳواڻن جي گرينڊ جرڳي کي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گڏيل طور خطاب ڪيو. جرڳي جو بندوبست قبائلي قيادت سان ڳالهيون ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ڪيو ويو هو، ان ۾ خاص طور ڀارت طرفان جاري پراڪسي جنگ تي ڌيان ڏنو ويو هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بلوچستان ۾ هندستاني سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ پراسڪيون امن کي خراب ڪرڻ، صوبي کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت ۽ هٿياربند فوج جي اڳواڻي ۾ ترقياتي قدمن کي متاثر ڪرڻ جون پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فتنه الهندستان جهڙا دهشتگرد گروه مقامي ماڻهن جي حمايت چاهين ٿا جنهن سان کين انڪار ڪرڻ گهرجي. قبائلي اڳواڻن جي قيادت ۽ تعميري ڪردار جي ساراهه ڪندي وزيراعظم هيٺين سطح تي شموليت ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي مسلسل ضرورت کي ورجايو ته دهشتگردن کي ڪو سماجي هنڌ نه ملي، دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جي ڪاميابي ۽ ڊگهي مدي واري امن ۽ استحڪام لاءِ به هي انتهائي اهم هو. وزيراعظم چيو ته امن جي دشمنن کي پاڪستان اندر ڪم ڪرڻ لاءِ ڪا به جاءِ نه ملندي، انهن لاءِ اسان جو پيغام واضح آهي. واضح هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه پاڪستان جي مڪمل حمايت سان دهشتگردي خلاف جنگ کي ان جي منطقي انجام تائين پهچائيندي ۽ دهشتگردي کي فيصلائتي انداز ۾ شڪست ڏينداسين. بلوچستان ۾ خوشحالي لاءِ يادگار ترقياتي پئڪيجز جي سلسلي کي اجاگر ڪندي وزيراعظم عوام تائين حڪومتي قدمن جي اثرن کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وزيراعظم قومي يڪجهتي جي تحفظ ۾ بلوچستان جي عوام جي تاريخي ڪردار جي ساراهه ڪئي ۽ انهن تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي منظم ۽ اسپانسر ڪيل پرڏيهي حمايت يافته تخريبڪاري خلاف هوشيار رهن. قبائلي اڳواڻن سان ڳالهائيندي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته هي ڀارتي اسپانسرڊ پراڪسي وار هاڻي ڪنهن کان به ڳجهو ناهي، هي اسان جي عوام، اسان جي ترقي ۽ اسان جي امن تي ڪيل دهشتگردي جي کليل مڪروه ڪارروائي آهي، اسان وٽ بلوچستان ۾ سرگرم دهشگرد نيٽ ورڪس پٺيان ڀارت جي هٿ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. دشمن جون اهي مڪروه ڪوششون قوم سان گڏجي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته بهادر بلوچ عوام ملڪي ۽ غير ملڪي هر ان دشمن جو مقابلو ڪندا ۽ ان کي چٿي ڇڏيندا جيڪي اسان جي خودمختياري کي چئلينج ڪرڻ جي همت رکن ٿا. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فوج ڪنهن به خطري جو فيصلائتي جواب ڏيڻ لاءِ پوري ريت الرٽ ۽ تيار آهي، هن ان ڳالهه کي ورجايو ته بلوچستان ۾ امن تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي ۽ پاڪستان جو مستقبل سڌي ريت هڪ مستحڪم، خوشحال بلوچستان سان واڳيل آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل بلوچستان ۾ ڪم ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهادري ۽ لچڪ کي ساراهيو. وزيراعظم شهيدن جي ڪٽنبن کي مڪمل تعاون ۽ حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم کين خاطري ڪرائي ته دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن ۽ سهولتڪارن کي معاف نه ڪيو ويندو. جرڳو قبائلي اڳواڻن طرفان پاڪستان حڪومت ۽ هٿياربند فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي متفقه عهد سان پڄاڻي تي پهتو ۽ بلوچستان جي سلامتي، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. ان کان اڳ وزيراعظم پاڪستان ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو به پڻ دورو ڪيو ۽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي شاگرد آفيسرن ۽ فيڪلٽي کي خطاب ڪيو. وزيراعظم جو خطاب علائقائي ۽ داخلي سلامتي جي ترقي وچ ۾ پاڪستان جي دفاعي ادارن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي گهري عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهين دوران اڀرندڙ ۽ هائبرڊ خطرن کي نظر ۾ رکندي پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل تياري ۽ دور انديشي جي اهميت کي اجاگر ڪيو، خاص طور تي بلوچستان جهڙي حساس خطن ۾ جتي ڀارتي اسپانسر ٿيل دهشتگرد پراڪسي اسان جي ماڻهن کي نشانو بڻائين ٿا ۽ اسان جي ترقي ۽ خوشحالي کي متاثر ڪرڻ چاهين ٿا.