لاهور -01 جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪرڪيٽرز ۽ آفيشل جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ خاص مهمان طور شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، پاڪ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيمن جي رانديگرن ۽ آفيشلز سميت ٻيون اختياريون به موجود هيون. صدر چيو ته راند گڏيل رابطن جو اهم ذريعو آهي، بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم سفير طور پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي، بنگلاديش برادر ملڪ آهي، الله تعاليٰ پاڪستان وانگر بنگلاديش کي به وسيلن سان نوازيو آهي. سڄي دنيا ۾ بنگلاديش هڪ مضبوط معاشي ملڪ طور سڃاتو ويندو آهي، ٻنهي پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪن وچ ۾ سهڪار جا وسيع تر موقعا موجود آهن، اسان کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته بنگلاديش جي اڄ جي نسل پاڪستان کان ڌار ٿيڻ جي ڏک واري ڪيفيت کان ناواقف آهي، آئون ان نسل سان تعلق رکان ٿو جنهن اسان کي ڌار ٿيندي ڏٺو، وقت اچي ويو آهي، ته اسان کي ڪنهن به طرح ان ڏک جو ازالو ڪرڻو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي قائم ڪرڻ ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي. اسان کي گڏجي اهڙا قدم کڻڻا پوندا جنهن سان ٻنهي ملڪن جو عوام خوشحال ٿئي، ان حوالي سان ٻنهي ملڪن جي نوجوانن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري پاڪ بنگلاديش ڪرڪيٽرز ۽ آفيشلز سان هٿ ملايو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته تازي سيريز ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تمام سٺي رهي، بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم به اعليٰ معيار جي راند پيش ڪري رهي آهي.