اسلام آباد- 28 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته يومِ تڪبير خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار جي علامت آهي، يومِ تڪبير اسان کي اتحاد، قرباني ۽ خود اعتماديءَ جو درس ڏئي ٿو. وفاقي وزير يومِ تڪبير جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته يومِ تڪبير پاڪستان جي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي وقار جي علامت آهي، ايٽمي طاقت کانپوءِ هاڻ اسان جو هدف معاشي خودمختياري آهي. هن چيو ته 28 مئي 1998ع تي مضبوط دفاع جو بنياد رکيو ويو. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. ڄام ڪمال خان چيو ته چاغي جي جبلن کان بلند ٿيل الله اڪبر جي صدا اڄ به زندهه آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته اسان کي هاڻ معاشي ميدان ۾ به اهو ئي عزم ۽ همت ڏيکارڻي آهي، پاڪستان واپار، ٽيڪنالاجي ۽ ترقيءَ جي سفر ۾ نئون باب لکندو. يومِ تڪبير صرف ماضيءَ جي ياد ناهي پر هڪ روشن مستقبل جي عهد جو به ڏينهن آهي.