جنيوا -27 مئي (اي پي پي) صحت بابت عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) خبردار ڪيو آهي، ته غزه ۾ طبي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، جتي اڪثر طبي سامان ختم ٿي چڪو آهي ۽ سور گهٽائيندڙ 42 سيڪڙو بنيادي دوائون اڻپوريون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق وچ اوڀر لاءِ صحت واري عالمي اداري جي ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته گذريل 11 هفتن دوران تنظيم جي ڪا به امدادي ٽرڪ غزه م داخل ناهي ٿي سگهي. جڏهن ته ڪجهه امدادي سامان ويجهڙائي ۾ محدود پيماني تي غزه ۾ داخل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته صورتحال نهايت خطرناڪ آهي، اسان صرف فوري امدادي ڪارروائين تي فڪرمند ناهيون پر هنن جي نسلن تي پوندڙ نتيجن تي به سخت ڳڻي آهي. هن چيو ته غزه ۾ بنيادي دوائن ۽ ويڪسينز جو ذخيرو ختم ٿي چڪو آهي جڏهن ته طبي اوزارن جي دستيابي به ختم ٿي رهي آهي. ڊبليو ايڇ او مطابق هن وقت تائين اٽڪل 400 امدادي ٽرڪن کي غزه ۾ داخل جي اجازت ڏني وئي پر صرف 115ٽرڪون هتي پهچي سگهيون آهن ۽ انهن مان ڪا به صحت واري عالمي اداري جي ٽرڪ ناهي. اتر غزه مڪمل گهيراءُ جي حالت ۾ آهي ۽ ڪنهن به امداد کان محروم آهي. هن وقت 51 طبي امداد سان ڀريل ٽرڪون سرحد تي داخلا لاءِ بيٺل آهن. عالمي اداري جي علائقائي هنگامي معاملن واري سربراهه احمد زويتن چيو آهي، ته اڃا اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ڇا اهو وقتي مسئلو آهي يا ان ۾ ڪجهه وڌيڪ رڪاوٽون موجود آهن جن کي ختم ڪرڻو آهي. غزه ۾ 2 مهينن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل گهيراءَ کان پوءِ ويجهڙائي ۾ ڪجهه نرمي ڪئي وئي آهي پر گڏيل قومن ۽ ٻين انساني حقن جي تنظيمن خبردار ڪيو آهي، ته خطي ۾ ڏڪار جو خطرو روزانو وڌي رهيو آهي.