اسلام آباد-26 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ڪالهه سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي تعاون، سيڙپڪاري ۽ ٻين اهم شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين تاريخي، مذهبي ۽ اقتصادي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي پُراڻن لاڳاپن کي ساراهيو ۽ ان تي اتفاق ڪيو ته لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ انتهائي اهم آهن. وفاقي وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو اهم حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گهرجي ته اهي پنهنجن لاڳاپن کي نَون بلندين تائين وٺي وڃن. وفاقي وزير سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ لکين پاڪستانين جي مالي معاونت (ريمينٽس) کي پاڪستان جي معيشت لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ چيو ته هي مالي وسيلا ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن پاڪستاني زيارتين طرفان هر سال مقدس ماڳن تي حج ۽ عمري جي ادائگي کي ٻنهي ملڪن جي مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپن جي مضبوطي جي علامت قرار ڏنو. ملاقات ۾ وفاقي وزير ريلوي سيڪٽر ۾ سعودي عرب سان تعاون وڌائڻ، واپاري ۽ سيڙپڪاري موقعن کي هٿي ڏيڻ تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته ريلوي انفراسٽرڪچر جي ترقي ٻنهي ملڪن جي معيشت کي هٿي ڏيندي ۽ خطي ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. سعودي سفير پاڪستان جي ترقيءَ ۾ سعودي عرب جي دلچسپي کي ورجايو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ م تعاون کي هر شعبي ۾ وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رهنديون. هن سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، واپاري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ عوامي فلاح بهبود جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناهن پر هڪ عظيم ڀائيچاري ۽ گڏيل مفادن تي ٻَڌل آهن جن کي مضبوط ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان سعودي عرب سان هر شعبي ۾ ويجها لاڳاپا چاهي ٿو ۽ مستقبل ۾ به لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوشان رهندو. ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ترقيءَ ۾ وڌيڪ تعاون بنائي سگهجي.