لاهور-26 مئي (اي پي پي) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي وڌيڪ رش کي نظر ۾ رکندي صوبائي گاديءَ واري هنڌ سميت مختلف شهرن مان 5 اسپيشل عيدون ريلون هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ريلوي ترجمان موجب پهرين اسپيشل ريل 2 جون تي ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن کان منجهند هڪ وڳي روانو ٿيندي جيڪا ملتان ساهيوال مان ٿيندي ٻئي ڏينهن صبح 10 وڳي لاهور پهچندي، جڏهن ته ٻي ريل 3 جون تي ڪوئيٽه کان پشاور لاءِ صبح 10 وڳي کان رواني ٿي ملتان ۽ ساهيوال رستي کان ٿيندي ٻئي ڏينهن 10:30 منٽن تي پشاور ڪينٽ پهچندي. اهڙيءَ طرح ٽين اسپيشل ريل 3 جون تي لاهور کان ڪراچي لاءِ شام 5 وڳي رواني ٿيندي جيڪا ٻئي ڏينهن منجهند 2 وڳي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي پهچندي، جڏهن ته چوٿين اسپيشل ريل 3 جون تي ڪراچي ڪينٽ کان راولپنڊي لاءِ رات 7:30 منٽن تي رواني ٿيندي جيڪا شورڪوٽ، فيصل آباد ۽ لالا موسيٰ کان ٿيندي ٻئي رات 1:15 منٽن تي راولپنڊي پهچندي. اهڙيءَ طرح آخري ۽ پنجين عيد اسپيشل ريل 4 جون تي ڪراچي ڪينٽ کان لاهور لاءِ 7:30 منٽن تي رواني ٿيندي جيڪا ملتان فيصل آباد کان ٿيندي ٻئي ڏينهن شام 5:30 منٽن تي لاهور پهچندي.