تهران – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران جي گادي واري شهر تهران پهچي ويو. مهرآباد ايئرپورٽ اچڻ تي ايراني گهرو وزير سڪندر مومني، پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم، پاڪستان جي ايران ۾ سفير مدثر ٽيپو ۽ اعليٰ سفارتي عملدارن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مهرآباد ايئرپورٽ تي ايراني فوج جي دستي سلامي ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ ايران ۾ وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ شامل آهن. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات جي لاءِ سعد آباد پيلس تهران ويندو جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. بعد ۾ وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي ايراني صدر ۽ سندس وفد سان ملاقات ٿيندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ پاڪستان تي ڀارت پاران مڙهيل تازي جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ڪوششن تي وزيراعظم ايراني صدر ۽ عوام جا ٿورا ادا ڪندو. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي معاملن کانسواءِ اهم علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.