اسلام آباد – 26 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران ايندڙ ڪُجهه سالن ۾ ٻه طرفي واپار کي 10 بلين ڊالر تائين وڌائڻ جا خواهشمند آهي، تازي پاڪ ڀارت جنگ دوران ايران طرفان پاڪستان جي حمايت ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪوششن تي ٿورائتا آهيُون، فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي منصفاڻي حل کانسواءِ خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپا پوري خطي جي لاءِ لاڀائتا ٿي سگهن ٿا. ايران جي خابرو اداري ”ارنا“ کي خصوصي انٽرويو ۾ هن علائقائي امن جي لاءِ تهران جي سفارتڪاري کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ترقي هڪ ٻئي سان واڳيل آهي ۽ اسان جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا پوري خطي جي لاءِ فائديمند آهن. واضح رهي ته وزيراعظم ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي سرڪاري دعوت تي تهران جي سرڪاري دوري تي آهي، شهباز شريف جو گذريل هڪ سال دوران ايران جو هي ٻيو دورو آهي. وزيراعظم چيو ته ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جي دعوت تي هو هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جو دورو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي ايراني صدر سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿي، ان کانسواءِ اسان ڪيترائي ڀيرا ٽيليفون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. تهران جي دوري جو بنيادي مقصد تازي پاڪ ڀارت تڪرار دوران ايران پاران ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ ايران جا ٿورا ادا ڪرڻ آهي. وزيراعظم ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي سفارتي قابليت کي ساراهيندي چيو ته هُو امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ايراني عملدارن جي حمايت ۽ ثالثي جي آڇ جا ٿورا ادا ڪري ٿو جنهن کي اسان قبول ڪيو پر ڀارت رد ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته هو هن دوري دوران ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن اسلام آباد ۾ ايراني پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي سان پنهنجي ٻن ملاقاتن جو حوالو ڏيندي چيو ته سيد عباس عراقچي جي سفارتي مهمن مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي، ايراني پرڏيهي وزير وڏي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجي مدبراڻي صلاحيت ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪيو. شهباز شريف چيو ته پاڪستان غزه ۾ جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ايران جي موقف جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اسلام آباد ۽ تهران مسلمان امت ۽ علائقائي تعاون بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکندا. ايران ٻطرفي تعاون جي حوالي سان ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي اسلام آباد دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته مرحوم ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي سان سندس جهاز حادثي ۾ افسوسناڪ شهادت کان اڳ منهنجي بهترين ملاقات ٿي، حياتي کسيندڙ حادثي کان اڳ هن پاڪستان جو دورو ڪيو هو، مرحوم رئيسي تمام گهڻو متاثر ڪن، بصيرت وارو ۽ دورانديش انسان هو، منهنجي ساڻس دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسان ٻنهي فيصلو ڪيو ته پاڪ ايران لاڳاپن کي اعليٰ ترين سطح تي وٺي وينداسين ۽ پنهنجي تعاون جي بنياد کي سگهه ڏيون. وزيراعظم چيو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي آهي ته اڄ اسان جا لاڳاپا تمام گهڻا مضبوط ۽ مستحڪم آهن. پاڪستان ۽ ايران جي معاشي تقدير ڳنڍيل آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 900 ڪلوميٽر کان وڌيڪ گڏيل سرحد آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپا خاص طور تي سرحدي علائقن (صوبي بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان) جي وچ ۾ تعاون پوري خطي جي لاءِ لاڀائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. هن پاڪ ايران اقتصادي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان تعاون جي ڪيترن ئي ايم او يوز تي صحيحن جو حوالو ڏيندي چيو ته ان کانسواءِ اسان دهشتگردي جي خلاف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون کي پڻ اهم سمجهون ٿا ۽ اسان کي يقين آهي ته هي ڳالهه ٻولهه ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ پائيدار اقتصادي لاڳاپن جي راهه هموار ڪندي. وزيراعظم ايران سان پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جو گڏيل واپار اٽڪل 3 بلين ڊالر آهي جنهن ۾ گذريل ٽن چئن سالن دوران نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ گڏيل واپار جي ماپي کي 10 بلين ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا جڏهن ته اسان سمجهون ٿا ته پاڪ ايران واپاري صلاحيت ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. اسلام آباد ۽ تهران جي وچ ۾ آزاداڻي واپار جي معاهدي تي صحيحن جي لاءِ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ 10 سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو ڪاٿو نمايان طور تي وڌندو. وزيراعظم ايران – آمريڪا – سڌي طرح ائٽمي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان چيو ته هر مسئلي جو بهترين حل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي آهي ڇو ته انهي جي ذريعي ڪنهن به ٽڪراءُ ۽ جنگ کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته خطي ۾ امن امان، ترقي ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ لازمي آهي، پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ اسان کي ايراني سياستدانن جي صلاحيتن تي پورو اعتماد آهي ۽ اميد آهي ته ان ڳالهه ٻولهه سان مثبت نتيجا نڪرندا. وزيراعظم فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير جا مسئلا منصفاڻي ۽ مڪمل طور تي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي، فلسطين ۽ ڪشمير مسئلو عوام جي امنگن موجب حل ٿيڻ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ايران پاران پاڪ ڀارت جنگ دوران ثالثي جي آڇ تي ٿورا مڃيندي چيو ته اهو خطي ۾ امن امان ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ ايران جي خلوص، دانشمندي ۽ دورانديشي جو مظهر آهي. هن چيو ته اسان ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ۽ پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جا پڻ ٿورائتا آهيُون.