بيجنگ -25 مئي (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي ڇيانگ جڪارتا ۾ انڊونيشيا جي صدر پربووو سان گڏ چائنا-انڊونيشيا واپاري آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي اٽڪل 200 اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان موقعي تي لي ڇيانگ چيو ته هلندڙ سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 57هين سالگره ۽ بانڊونگ ڪانفرنس جي 70هين سالگره آهي. هن چيو ته چين -انڊونيشيا ۽ ٻيا ايشيائي ۽ آفريقي ملڪ بانڊونگ ۾ جمع ٿيا آهن ۽ اتحاد، دوستي ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون آهن. اڄ 70 سالن کان پوءِ دنيا ٻيهر هڪ اهم موڙ تي بيٺي آهي. بانڊونگ جي اهميت اڳ کان وڌي وئي آهي. اسان کي تاريخي ترقي جي عام رجحان جي پيروي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اختلافن کي وساريندي اتفاق کي تلاش ڪرڻ، امن جي بقا، مشورن ذريعي معاملا حل ڪرڻ ۽ سهڪار ذريعي گڏيل فائدن کي هٿي وٺائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي ۽ خوشحالي وارو هدف حاصل ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته گڏيل اقتصادي ۽ واپاري سهڪار مضبوط ٿيندو پيو وڃي. جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن ۽ عوام کي حقيقت ۾ فائدو ٿي رهيو آهي، عالمي معيشت ۾ وڌيڪ يقين پيدا ٿيو آهي.