اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستاني جبل چاڙهو نائله ڪياني کي ڪنچن جنگا چوٽي سر ڪندڙ پهرين پاڪستاني عورت جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن، مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيون آهن، جبل چڙهڻ جي شعبي ۾ پاڪستاني عورتن جي شموليت سٺو سنئوڻ آهي. ايوان صدر پريس ونگ طرفان جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري نائله ڪياني کي دنيا جي ٽين بلند ترين چوٽي سر ڪرڻ تي ساراهيو ۽ جبل چڙهڻ جي شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت آهن، جيڪي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيون آهن. صدر چيو ته جبل چڙهڻ جي شعبي ۾ عورتن جي شموليت سٺو سنئوڻ آهي، صدر آصف علي زرداري نائله ڪياني جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.